SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تنقيدي نظريو- جديديت پُڄاڻا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تنقيدي نظريو- جديديت پُڄاڻا

Critical Theory - Postmodernism

ڪرٽيڪل ٿيئري/ پوسٽ ماڊرنزم

هر دؤر ۾ وقت، حالتن ۽ فڪر جي مناسبت سان نوان نظريا پيش ٿيندا رهن ٿا. هر نئون نظريو، جيڪڏهن اڳ موجود نظريي کي رد ڪري ٿو يا ڇنڊي ڇاڻي ٿو ته ان جي به هڪ اهميت هجي ٿي. ان حوالي سان بين الاقوامي تعلقات ۾ ’جديديت پُڄاڻا‘ (Postmodernism) واري نظريي کي وڏي اهميت حاصل آهي. جنهن مطابق ڪو به موجوده يا جديد تجربو يا مشاهدو ڪنهن ٻئي تازي يا نئين تجربي/ مشاهدي تحت تبديل ڪيو وڃي، وڌايو وڃي يا وري رد يا ختم ڪيو وڃي، ته ان نئين نظريي کي جديديت پُڄاڻا (Postmodernism) طور سڃاتو وڃي ٿو. هن نظريي جي حوالي سان ئي ڪُجهه ماهرن جو خيال آهي ته بين الاقوامي لاڳاپن کي سياست، ثقافت، سماجيات، ادب، نفسيات ۾ سرگرمين ۽ تبديلين کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هر دؤر ۾ مُختلف شعبن ۾ تبديل ٿيندڙ نظرين جو بين الاقوامي لاڳاپن تي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جو انهن شعبن تي اثر انداز ٿيڻ اڻ ٽر آهي. توڻي جو بين الاقوامي تعلقات تي Critical Theory يا Postmodernism جو اثر ته تمام گهڻو پراڻو آهي. پر جڏهن جرمنيءَ جي سماجي سائنسدان ‘جُورجين هيبرمئس’ Jurgen Habermas زمان ۽ مڪان جي لاڳاپي مطابق دُنيا ۾ موجود نظرين جي اهميت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي اهو تت ڪڍيو ، ته هر علم جو تعلق تاريخ ۽ سياست سان جڙيل آهي . تڏهن کان (اٽڪل 1980ع جي ڏهاڪي جي مُنڍ کان ) بين الاقوامي تعلقات جو Critical Theory جي اصولن تحت تمام وڏي پئماني تي تجزيو ۽ مطالعو (Analytical Study) ڪيو وڃي ٿو. ويهين صدي عيسويءَ جي اهم سياسي واقعن ، جهڙوڪ جرمنيءَ ۾ نازي پارٽيءَ جو اڀرڻ ۽ ختم ٿيڻ ، سوويت يونين ۾ اسٽالن جو عروج ، ڪارل مارڪس جي نظريي جو عروج ۽ زوال ، جرمنيءَ جي جدليات پسند ڏاهن ڪانٽ ۽ هيگل جا نظريا ۽ انهن کان پوءِ واري دور ۾ فريڊرڪ نٽشي جا خيال ۽ پوسٽ ماڊرنزم جهڙن نظرين جي اڳڀرائيءَ ۽ اُن بابت بحثن کان علاوه فلسفي، سماجيات ۽ ثقافت وغيره جي علمن بابت نوان خيال دُنيا ۾ اچڻ جي ڪري، اهي موضوع لاڳاپيل شعبن سان گڏوگڏ بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان به تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. هونئن Critical Theory ۽ Postmodernism الڳ الڳ طريقي سان اثر انداز ٿيندا آهن، پر بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ٻنهي جو ڪارج، ڪارل مارڪس جي جڳ مشهور ويچار : ”فلسفي جو بنيادي مقصد دنيا جي تشريح ڪرڻ نه بلڪه دنيا کي تبديل ڪرڻ آهي .“ تحت هجي ٿو.(CT) Critical Theory ۽ Postmodernism جي ويچارن ۾ وڏي ۾ وڏو فرق اهو آهي ته CT تحت سوچيندڙ عالم سندس آڏو موجود نظريي جو مڪمل تجزيو ڪري انهيءَ جا نوان رخ ڳولي ٿو ۽ ان منجهان ملندڙ نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو. جڏهن ته Postmodernism اڳ موجود نظريي کي مڪمل طور ختم ڪري نئون نظريو رائج ڪرڻ جو حامي هوندو آهي . CT جي حامين جي اها سوچ آهي ته اڄ تائين جيڪي به نظريا ڏنا ويا آهن ، انهن جا ڪيترائي پاسا آهن ، جن کي ٻيهر تلاش ۽ رائج ڪري سگهجي ٿو . Postmodernists جو خيال آهي ته ڪو به نظريو زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ اهميت رکي ٿو . جڏهن وقت ۽ حالتون ساڳيا نه ٿا رهن ته نظريي جي اهميت به ساڳي نه ٿي رهي . بهرحال اڃا تائين پوريءَ طرح سان اهو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ته Critical Theorist ۽ Postmodernist فڪر جي دُنيا ۾ تُزُ انداز ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا؟ پر انهن اصطلاحن جي اچڻ سان بين الاقوامي لاڳاپن جي علم کي تمام گهڻي اهميت ۽ وسعت ملي آهي. انهيءَ ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته بين الاقوامي تعلقات ۾ اڳ جيڪي خيال يا نظريا فقط اڀياس جي حد تائين محدود هُئا، اهي Critical Theory ۽ Postmodernism جي مدد سان عملي ميدان ۾ آندا ويا آهن ، جنهن جي ڪري بين الاقوامي معاملن ۾ نيون پيشقدميون ٿيون آهن


Remember Me Also:

ڌوڄ

ذ. [سن. ڌوجَا = جهنڊو] ڌوڃ ، ڌاڄ ، ڌڄا ، بيرق ، جهنڊو ، عَلَمُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal